وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بهاولپور پهتو

اسلام آباد / بهاولپور (پاکستان نیوزپوائنٹ 14اپریل 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن بهاولپور پهتو جتي هو نيشنل هاءِ وي فائيو جي 45 ڪلوميٽر سيڪشن جو افتتاح ڪندو جيڪو جلال پور پير والا کي اوچ شريف سان ڳنڍيندو. 45 ڪلوميٽر ڊگهو اهو رستو ملتان شجادع آباد جلال پور پير والا اوچ شريف ترنڊه محمد پناهه رستي جو حصو آهي. ڏکڻ پنجاب ۾ موجود ان رستي جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي سان قومي شاهراهه اين 5 تي پڻ ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي.

منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان اچ وڃ جي تيز سهولت ملندي جنهن سان معاشيِ سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو ۽ سفري وقت ۾ گهٽتائي ايندي. منصوبي جي ڪري روزگار جا موقعا ملڻ سان علائقي ۾ غربت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ هن علائقي جي زرعي جنسن جي وڏي منڊين تائين پهچ آساني ٿيندي. منصوبي جي افتتاح کانپوءِ وزيراعظم هڪ عوامي جلسي کي پڻ خطاب ڪندو ۽ ان سان گڏوگڏ هو بهاولپور جي معززين سان پڻ ملاقات ڪندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون