سينيٽ اليڪشن جي شروعات بلوچستان حڪومت ۾ عدم اعتماد جي رٿ سان شروع ٿي: صاحبزاده طارق الله

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مارچ2018ء) جماعت اسلامي جي پارلياماني اڳواڻ صاحبزده طارق الله چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن جي شروعات بلوچستان حڪومت ۾ عدم اعتماد جي رٿ سان شروع ٿي، سينيٽ اليڪشن غليظ ۽ داغدار جمهوريت جو مثال آهي، اهڙن ماڻهن کي ميدان ۾ آندو ويو جنهن وٽ پئسو هو، پئسو وٺندڙ ۽ ڏيندڙن کان قرآن پاڪ تي حلف ورتو وڃي، اسان جي ويجهو هڪ اهڙي مٿين ايوان جي ڪا به حيثيت نه هوندي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي صاحبزاده طارق الله چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو تاريخ ۾ مثال نٿو

ملي، هي انتهائي غلط ۽ عدم شفافيت جي طريقيڪار سان ٿيو ۽ هي داغدار جمهوريت جو مثال آهي، اهڙن ماڻهن کي ميدان ۾ آندو ويو جن وٽ پئسو هو، بلوچستان ۾ عدم اعتماد جي رٿ سان شروعات ٿي، پهرين اسان کي خطرو هو ته سينيٽ اليڪشن نه ٿينديون پر اهو خطرو ٽري ويو ۽ اليڪشن ٿي پر صوبن ۾ پنج ميمبر رکندڙ پارٽي سينيٽر چونڊرايو ۽ 15 ميمبرن واري پارٽي ايئن نه ڪري سگهي، خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ رڍن ٻڪرين جي بازار گرم ٿي، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، پئسا ڏئي چونڊيلن کان قرآن پاڪ تي حلف ورتو وڃي، اهڙي سينيٽ جي ڪا به حيثيت نه آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو