حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران داخل ڪيل ريفرنسز تي دستاويزن جو مڪمل جائزو وٺڻ کانپوءِ آئين ۽ قانون جي روشني ۾ رولنگ ڏني آهي: اسپيڪر سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته هن حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران داخل ڪيل ريفرنسز تي دستاويزن جو مڪمل جائزو وٺڻ کانپوءِ آئين ۽ قانون جي روشني ۾ رولنگ ڏني آهي.

قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اسپيڪر چيو آهي ته مون کي نمبر پورا نه ڪرڻا هئا جو حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران ٻه ٻه ريفرنس موڪلي ڇڏيان ها پر ريفرنس ميرٽ تي اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليا آهن. هن چيو ته ريفرنس تي فيصلو ڪرڻ جو فورم اليڪشن ڪميشن آهي جنهن کي 90 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻو آهي ان کانسواءِ ان سلسلي ۾ پاڪستان جون عدالتون به موجود آهن.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون