پي آءِ اي جي تباهي ۽ ذميوارن جو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 07ستمبر 2016ء) سينيٽ جي اجلاس دوران پي آءِ اي جي تباهي ۽ ان جي ذميوارن جو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو، پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته پي آءِ اي کي بحال ڪيو ويندو ۽ ان کي پهرين وانگر هڪ باوقار ادارو بڻايو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته پي آءِ اي ۾ جيڪو جهاز خراب ٿيندو هو ان کي اتي بيهاريو ويندو هو ۽ ان جو سامان ٻين جهازن ۾ هنيو ويندو هو اهڙي طرح 9 جهاز ناڪاره ٿي ويا.

پي آءِ اي ۾ ملازمن جو انگ تمام گهڻو ٿي ويو آهي، بيروزگاري تمام گهڻي آهي انهن کي نوڪرين مان ماڻهن کي ڪڍي نه ٿو سگهجي، حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ اسان 16 ارب فوري طور تي ڏنا ته جيئن پي آءِ اي کي بحال ڪيو وڃي، اسان جا جهاز تمام گهڻا پراڻا هئا لينڊنگ ڪرڻ ۽ ٽيڪ آف ڪرڻ وقت وڌيڪ پيٽرول کائي رهيا هئا، پي آءِ اي جي بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ان کي بحال ڪنداسين، پي آءِ اي جي تباهي جي ذميوارن جي حوالي سان ڪميٽي ۾ معاملو بحث هيٺ اچڻ گهرجي، صدارت ڪندڙ اهو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو