سينيٽ ۾ مختلف فنڪشنل ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06ستمبر 2016ء) سينيٽ ۾ مختلف فنڪشنل ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪيون ويون آهن. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر فرحت الله بابر انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي پاران عورتن کي ڪم ڪار وارن هنڌن تي هراسان ڪرڻ جي خلاف تحفظ (ترميمي) بل 2016ع تي ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته هو ان حوالي سان پنهنجو بل واپس وٺي ٿو، ان ترميم سان عورتن جي حقن جو تحفظ ٿي سگهندو. سينيٽر ڪامل علي آغا ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران اسپيشل اڪنامڪ زونز (ترميمي) بل 2016ع تي ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي، سينيٽر سجاد حسين طوري غيرفعال ڪالج آف ميڊيڪل ليب ٽيڪنالاجي بابت سينيٽر عتيق شيخ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي نيشنل هيلٿ سروسز بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. سينيٽر شاهي سيد ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني پاران بلوچستان صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موبائيل سروس جي عدم دستيابي بابت عوامي اهميت جي معاملي تي اٿاريل اعتراض واري نقطي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي.

سينيٽر دائود خان اچڪزئي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران ليفٽيننٽ جنرل (ر) صلاح الدين ترمذي پاران ايف ڊبليو او جي ننڍي ڪنٽريڪٽر کي عدم ادائيگي بابت عوامي اهميت واري معاملي تي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي. سينيٽر تاج حيدر تفويض ٿيل قانونسازي بابت ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان قاعدن، ضابطن ۽ انصرام جي ڪارروائي سينيٽ 2012ع جي قاعدي 172 جي ذيلي قاعدي 3 جي متفضيات تحت ڪميٽي جي ٽه ماهي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. سينيٽر مير ڪبير احمد شاهي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ هڪ آئيني ضرورت جي موضوع تي اختيارن جي منتقلي بابت فنڪشنل ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪميٽي جي خصوصي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. هن رٿ پيش ڪئي ته ان رپورٽ کي غور هيٺ آندو وڃي ۽ منظور ڪيو وڃي، ايوان ان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 19:00

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو