وزيراعظم پاران ڊاڪٽر اشفاق احمد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ19جنوری2018ء)  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيوڪليئر سائنسدان ۽ پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر اشفاق احمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

جمعي ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڊاڪٽر اشفاق احمد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندس ملڪ لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، وزيراعظم مرحوم جي روح جي ايصال ثواب لاءِ مغفرت جي دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ مرحوم جي گهرڀاتين کي هي صدمو همت ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو