پاڪستان ترڪمانستان سان دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ16جنوری2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ترڪمانستان سان دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻئي ملڪ عالمي فورمن تي هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا آهن. هن اها ڳالهه پاڪستان جي دوري تي آيل ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن اڱاري ڏينهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته تاپي گئس پراجيڪٽ صرف هڪ گئس پائيپ لائين منصوبو ناهي پر مختلف ملڪن جي هڪ راهداري آهي جنهن جو ڪريڊٽ صدر قربان علي بردي محمدوف ڏانهن وڃي ٿو ۽ اسان جي خواهش آهي ته هي منصوبو جلد کان جلد شروع ٿئي، ريجنل ڪنيڪٽيويٽي جي سلسلي ۾ اشڪ آباد معاهدي ۾ شرڪت اسان جي لاءِ خوشي جوڳي هوندي. صدر چيو ته 1000 ميگاواٽ بجلي جي آڇ تي به اسان ترڪمانستان جا ٿورائتا آهيون ۽ اميد ڪريون ٿا ته تمام جلد اسان ان منصوبي مان فائدو حاصل ڪري سگهنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٽرانسميشن لائين ج معاملا به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ جلد طئي ٿي ويندا.

صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار تمام گهٽ آهي جنهن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ ضروري آهي ته ٻنهي ملڪن جا واپاري ۽ صنعتڪار گڏيل دورا ڪن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان توانائي کانسواءِ لائيو اسٽاڪ، تعليم، ثقافت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪري سگهن ٿا، هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو. ان موقعي تي ترڪمانستاني پرڏيهي وزير صدر ممنون حسين کي ترڪمانستان جي صدر جو خصوصي پيغام پهچايو ۽ تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، هن چيو ته هو ٽرانسميشن لائين تي ڪم مڪمل ڪري چڪا آهن، ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته گئس پائيپ لائين منصوبي مان ڪيترائي ملڪ فائدو کڻي سگهندا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون