قومي اسيمبلي جو هلندڙ سيشن 25 جنوري تائين جاري رهندو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12جنوری2018ء) قومي اسيمبلي جو هلندڙ سيشن 25 جنوري تائين جاري رهندو، ان جو فيصلو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ هائوسن بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس جمعي ڏينهن اسپيڪر جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس دوران قومي اسيمبلي جي 51 هين اجلاس بابت قاعدا ۽ ضابطا طئي ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جي ميمبرن کان راءِ ورتي وئي جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي جو موجوده اجلاس 25 جنوري تائين جاري رهندو، قومي اسيمبلي جي موجوده اجلاس ۾ سوالن واري وقفي سميت ٻي قانونسازي بابت اهم معاملا بحث هيٺ آندا ويندا.

اجلاس ۾ رانا تنوير حسين، شيخ آفتاب احمد، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، زاهد حامد، چوڌري محمد اشرف، سيد نويد قمر، مير اعجاز حسين جکراڻي، ڊاڪٽر شيرين مزاري، اقبال محمد علي، شيخ صلاح الدين ۽ صاحبزاده طارق الله شرڪت ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون