آمريڪا پاران يروشلم کي اسرائيل جي گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ ۽ سفارتخانو منتقل ڪرڻ جو منصوبو عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي: پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف

استنبول (پاکستان نیوزپوائنٹ 13دسمبر2017ء) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته آمريڪا پاران يروشلم کي اسرائيل جي گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ ۽ سفارتخانو منتقل ڪرڻ جو منصوبو عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي، آمريڪا پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، اهو آمريڪا جي اعتماد جوڳي ڳالهين جي حيثيت سان وچ اوڀر امن عمل ۽ ٻه رياستي حل جي لاءِ ضروري آهي. اها ڳالهه هن ڪالهه اربع ڏينهن هتي القدس شريف بابت اسلامي تعاون تنظيم جي غيرمعمولي ڪائونسل آف منسٽرز جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا پاران يروشلم کي اسرائيل جي گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، علائقائي امن ۽ استحڪام جي بهتري ۽ شدت پسند قوتن کي وڌيڪ مستحڪم ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ آمريڪا پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل يو اين چارٽر موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ جيڪڏهن ڪائونسل ناڪام رهي ته پوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي فيصلي لاءِ متحرڪ ٿيڻ گهرجي.

خواجه آصف چيو ته خطي ۽ عالمي سطح تي پائيدار امن جي لاءِ ٻه رياستي حل واحد قابل عمل روڊ ميپ آهي جنهن جو عالمي برادري فلسطيني عوام سان واعدو ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي ۽ عالمي برادري وٽ اڃا به موقعو آهي ته هو علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ ان هڪ طرفي فيصلي کي روڪي، اسان کي آمريڪي فيصلي کي رد ڪندي پنهنجي ڪمزورين تي به سوچڻ گهرجي، اسان کي حقيقي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ ۽ گڏيل اختلافن تي ضابطو آڻڻو پوندو ۽ مسلمان ملڪن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻي پوندي. خواجه آصف چيو ته القدس اسلام جو پهريون قبلو هو. هن چيو ته القدس جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش سڄي دنيا جي 1.5 ارب مسلمانن جي احساسن کي مجروح ڪرڻ جي برابر هوندي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ پارليامينٽ آمريڪي فيصلي جي مذمت جي لاءِ متفقه قراردادون منظور ڪيون آهن.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون