وزيراعظم لاهور اوڀر باءِ پاس جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

ڪالا شاهه ڪاڪو (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ساڍا 16 ڪلوميٽر ڊگهي لاهور اوڀر باءِ پاس جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، اهو منصوبو 28 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندو جنهن سان هيوي ٽريفڪ لاهور شهر ۾ داخل ٿيڻ بنا پنهنجي منزل ڏانهن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهندي ۽ راوي پل ۽ جي ٽي روڊ تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. وزيراعظم ڪالهه جمعي ڏينهن وفاقي وزير رانا تنوير حسين ۽ ٻين سان گڏ ڪالا شاهه ڪاڪو ۾ لاهور اوڀر باءِ پاس جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي. اهو منصوبو 6 ڦاڪن تي ٻڌل هوندو جڏهن ته لائين جي ويڪرائي 3.6 ميٽر ۽ 3 فوٽ جو شولڊر هوندو. اهو منصوبو نيازي انٽرچينج کان 3.3 ڪلوميٽر پري رنگ روڊ سان واڳيل هوندو. اهو منصوبو محمود بوٽي انٽرچينج کان شروع ٿي جي ٽي روڊ ۽ لاهور اسلام آباد موٽروي تي ختم ٿيندو. ان رستي تي ٽريفڪ جي رفتار جي حد 120 ڪلوميٽر هوندي.

منصوبي سان اوڀر ۽ ڏکڻ لاهور ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو جڏهن ته راوي پل ۽ جي ٽي روڊ تي پڻ ٽريفڪ جي وهڪري ۾ گهٽتائي ايندي. ان سان علائقي ۾ سياحت ۽ واپار کي هٿي ملندي. شهر جي اندر ٽريفڪ منظم ٿيندي جڏهن ته وڏي ٽريفڪ شهر ۾ داخل ٿيڻ کانسواءِ منزل ڏانهن جاري رهندي. اهو منصوبو پنهنجي نوعيت جو غيرمعمولي منصوبو آهي. پنجاب حڪومت جي تجويز ڪيل شاهي باغ منصوبي کي نظر ۾ رکندي هي باءِ پاس علائقي ۾ سياحت ۽ واپار جي ترقي جا رستا کولڻ ۾ مددگار ٿيندو. منصوبي جي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي پنجاب ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان ريلويز جو تعاون حاصل ڪيو ويندو. باءِ پاس جي تعمير سان نه رڳو شهر جي اندر ٽريفڪ کي ريگيوليٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر لاهور شهر ۾ داخل ٿيڻ کانسواءِ وڏي ٽريفڪ بنا رڪاوٽ گذرڻ کي يقيني بڻايو ويندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو