قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ميمبر ساجد احمد جي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هڻڻ تي ڊيسڪون وڄائي آجيان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن ايم ڪيو ايم جي ميمبر ساجد احمد پاران پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هڻڻ تي ڊيسڪون وڄائي ڀرپور آجيان ڪئي. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ساجد احمد جو سوال آيو ته هن چيو ته ”سڀ کان پهرين پاڪستان زندهه آباد“ جنهن تي اسپيڪر کائنس پڇيو ته ٻيهر چئو ته ڇا چيو ته هن زوردار آواز سان ٻيهر چيو ته ”سڀ کان پهرين پاڪستان زندهه آباد“، جنهن تي تحريڪ انصاف جي ڀر ۾ ويٺل ميمبر چيو ته ”تبديلي اچي وئي آهي“.

ساجد احمد چيو ته هو اڳ ئي پاڪستان زندهه آباد چوندڙن مان آهي جنهن تي هائوس ۾ ويٺل سمورن حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي آجيان ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون