حڪومت ربيع الاول جي مبارڪ مهيني ۾ پاڪستان کي لوڊشيڊنگ کان پاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري پوري قوم جي دل خوش ڪري ڇڏي آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

راولپنڊي (پاکستان نیوزپوائنٹ 05دسمبر2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف چئن سالن دوران ڌرڻن، احتجاج، بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جي سياست جي باوجود ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ۽ توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ سميت هر شعبي ۾ ترقي ذريعي اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو 66 سالن ۾ به ڪير نه ڪري سگهيو، موجوده حڪومت ربيع الاول جي مبارڪ مهيني ۾ پاڪستان کي لوڊشيڊنگ کان پاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري پوري قوم جي دل خوش ڪري ڇڏي آهي، سازشون ڪندڙن کي عوام 2018ع جي عام چونڊن ۾ ووٽ ذريعي لغام وجهندي، محمد نواز شريف آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي احتساب لاءِ پيش ڪيو جڏهن ته اصل ڪوڙو ۽ چور عدالتن مان ڀڄي رهيو آهي، مسلسل ساڍا چار سال ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهڻ، پارليامينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي گاريون ڏيندڙ ۽ اعليٰ عدالتن مان مفرور شخص کان جواب ڪير ۽ ڪهڙي ڏينهن وٺندو، پارليامينٽ ۾ چونڊ سڌارن سميت اهم قانونسازي، آئيني ترميمن سميت جڏهن جڏهن پارليامينٽ کي ضرورت پئي ته عمران خان پارليامينٽ مان گم ٿي ويو، عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت، پنهنجي وزيرن ۽ وڻ هڻڻ جي منصوبي ۾ ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ احتساب ڪميشن کي ئي تالو لڳرائي ڇڏيو، 4 سالن کان ميٽرو بس کي جنگلا بس چئي تنقيد ڪندڙ عمران خان ڪي پي ڪي ۾ ميٽرو بس هلائڻ جي اعلان کانپوءِ به اڄ تائين ان ئي ميٽرو بس جو جنگلو تائين ناهي ٺاهي سگهيو، ڪي پي ڪي ۾ موبائيل جسٽس وهيڪل جا ٽائر به پنڪچر ٿي چڪا آهن. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ خطاطي جي نمائش جي افتتاح ۽ محفل ميلاد جي تقريب کان اڳ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته موجوده حڪومت مبارڪ مهيني ۾ پاڪستان کي لوڊشيڊنگ کان پاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري پوري قوم جي دل خوش ڪري ڇڏي آهي، هاڻي عوام جون مشڪلاتون ختم ۽ صنعتن جي حوصلا افزائي ٿيندي، 2013ع ۾ جڏهن مسلم ليگ (ن) حڪومت سنڀالي ته ملڪ اندر بجلي جي مجموعي پيداوار 9 هزار 279 ميگاواٽ جڏهن ته طلب 11 هزار 799 ميگاواٽ هئي، 66 سالن دوران ايتري بجلي پيدا نه ڪئي وئي جيتري موجوده حڪومت ساڍا ٽي کان چار سالن دوران پيدا ڪئي آهي، هن وقت ملڪ اندر مجموعي پيداوار 16 هزار 477 ميگاواٽ ۽ طلب 14 هزار 17 ميگاواٽ آهي، اهڙي طرح سسٽم ۾ 7465 ميگاواٽ اضافي بجلي شامل ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته مخالف ڌر جون پارٽيون خاص طور تي پي ٽي آءِ ان ڪاميابي تي پڻ بيان بازي ڪري رهي آهي، گذريل ساڍا ٽي کان چار سال جهڙي طرح عمران خان ڪوڙ ڳالهايو، الزام هنيا، آئيني ۽ قانوني ادارن کي گاريون ڏنيون، هو اڄ به حڪومت جي ڪاميابين جي باوجود ائين ئي ڪنٽينر تي بيهي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، اسان جي بار بار چوڻ تي عمران خان ڪافي عرصي کانپوءِ دهشتگردي جي خاتمي جي عدالت ۾ پيش ٿيو آهي، ٻئي طرف محمد نواز شريف اهو ليڊر آهي جنهن آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي احتساب جي لاءِ پيش ڪيو جڏهن ته اصل ڪوڙو ۽ چور عدالتن مان ڀڄي رهيو آهي، عمران خان اڃا به حڪومت ۽ ادارن جي خلاف منفي سياست ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي پارٽيون 2018ع جي چونڊن جون تياريون ڪري رهيون آهن. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 4 سالن کان ميٽرو بس کي جنگلا بس چئي تنقيد ڪندڙ عمران خان ڪي پي ڪي ۾ ميٽرو بس هلائڻ جي اعلان کانپوءِ به اڄ تائين انهي ميٽرو بس جو جنگلو تائين نه ٺاهي سگهيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف ڪڏهن به ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو، پارليامينٽ ۾ جڏهن به قانونسازي ٿي تحريڪ انصاف گم رهي. هن چيو ته احتساب جو نعرو هڻندڙن خيبرپختونخواهه ۾ احتساب ڪميشن کي تالو لڳرايو، عمران خان الزام هڻڻ بدران پارليامينٽ ۾ اچي ڳالهائي، پارليامينٽ کي گاريون ڏيندڙ استعيفيٰ ڏئي واپس وٺن ٿا ته انهن کي ان وقت اصولن جي سياست نظر نه آئي. هن چيو ته محمد نواز شريف سمورين رڪاوٽن جي باوجود ملڪي ترقي جو سفر جاري رکيو، محمد نواز شريف قوم سان ڪيل سمورا واعدا وقت کان اڳ پورا ڪيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرويز مشرف قانون ۽ عدالتن جو ڀڳوڙو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بابت اپيل جو فيصلو پنجاب حڪومت ڪندي، اهو معاملو صوبائي حڪومت بابت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي اسان سڀني کي گڏجي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. ملڪي ادارن کي آئين ۽ قانون موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڏنل قربانين جو مثال پوري دنيا ۾ نه ٿو ملي، پاڪستان انشاءَ الله جلد دهشتگردي مان به مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪندو. خطاطي جي نمائش جي حوالي سان مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هن مبارڪ مهيني ۾ اهڙيون تقريبون وڏي اهميت رکندڙ آهن. خطاطي جي نمائش ۽ آرٽ ذريعي الله تعاليٰ حضور صه سان محبت جو اظهار آهي. هن چيو ته راولپنڊي آرٽس ڪائونسل پنجاب، پوٺوهار خطي جي ثقافت جي فروغ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، بعد ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب محفل ميلاد ۾ شرڪت ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو