برونائي دارالسلام پاڪستان جو انتهائي ويجهو ۽ بااعتماد دوست آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ یکم ستمبر 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته برونائي دارالسلام پاڪستان جو انتهائي ويجهو ۽ بااعتماد دوست آهي، گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ گهرائي جي لاءِ سچائي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه خميس ڏينهن برونائي دارلسلام ۾ مقرر ٿيندڙ هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) طارق رشيد خان سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برونائي ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن جنهن مان ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن کي فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته برونائي کي افرادي قوت جي ضرورت آهي جنهن ۾ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جن شعبن ۾ سيڙپڪاري ٿي سگهي ٿي انهن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ان ۾ تعليم، تعميرات ۽ توانائي جا شعبا وڌيڪ اهم آهن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جيترو وڌيڪ هوندو اوترو لاڳاپا مضبوط ٿيندا.

هن چيو ته پاڪستان ۽ برونائي جي وچ ۾ دفاعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فضائي سروس شروع ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو وڃي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار سان گڏوگڏ اعليٰ سطح تي پارلياماني ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي به ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي سفارتڪارن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پاڪستان جي اميج کي دنيا ۾ بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) طارق رشيد خان کي برونائي دارالسلام ۾ سفير جي حيثيت سان مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۽ برونائي جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 16:54

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو