وزيراعظم پاران ميجر اسحاق جي قيمتي جان جي زيان تي دلي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ22نومبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ميجر اسحاق جي قيمتي جان جي زيان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي جيڪو ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن دوران شهيد ٿي ويو.

ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ڪندي ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ساراهيو. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو