موٽر وي منصوبي جي پهرين فيز سان هزاره ۾ ترقي جي نئين دور جو آغاز ٿيندو: ڊپٽي اسپيڪر

اسلام آباد – (پاکستان نیوزپوائنٹ13اکتوبر2017ء) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي چيو آهي ته موٽر وي منصوبي جي پهرين فيز سان هزاره ۾ ترقي جي نئين دور جو آغاز ٿيندو، حويليان بالڍير بجلي جي گرڊ اسٽيشن کان حويليان تعلقي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ وولٽيج جو مسئلو حل ٿي ويندو، حويليان شهر ۾ فور ڪور ڪيبل وڇائي پئي وڃي جنهن جو ڪم هڪ هفتي ۾ شروع ٿيندو، مسلم ليگ (ن) عام چونڊن ۾ عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيندي. هو ڪالهه خميس ڏينهن هتي برهان کان حويليان موٽر وي تعمير جي معائني بعد صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.

ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪ چائنه اقتصادي لنگهه منصوبو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي جنهن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ملڪ دشمن طاقتن هر حربو آزمايو پر اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ترقي پسند ويزن انهن سمورين طاقتن کي شڪست ڏئي ان منصوبي کي ڪامياب بڻايو. هن چيو ته 25 ڊسمبر تي برهان – حويليان موٽر وي جو باضابطه افتتاح ڪيو ويندو جنهن سان هزاره ڊويزن ۾ ترقي جي نئين درو جو آغاز ٿيندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو