قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11اکتوبر2017ء) قومي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئي ۽ شاهه محمود قريشي جي وچ ۾ اعتراض واري نقطي تي پهرين ڳالهائڻ تي سخت گرمي جو ماحول بڻجي ويو تنهن هوندي به ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مولانا فضل الرحمان کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر محمود خان اچڪزئي کي فلور ڏنو ته شاهه محمود قريشي به اٿي بيٺو ۽ هن چيو ته پهرين کيس ڳالهائڻ ڏنو وڃي جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جا ٻيا ميمبرن اٿي بيٺا، محمود خان اچڪزئي چيو ته پي ٽي آءِ وارا ائين ئي ڪندا آهن، پهرين اجلاس ۾ به اهڙو رويو هو، هي شام تائين بيٺل رهن انهن کي ڳالهائڻ نه ڏيندس، انهن کي پهرين منهنجي ڳالهه ٻڌڻي پوندي.

هي ڪهڙو رويو آهي هڪدم سڀ جا سڀ اٿي بيهي رهندا آهن، ان تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته هي چيئر جو احترام نٿا ڪن ۽ ان جو سدائين اهو ئي رويو آهي، محمود خان اچڪزئي چيو ته جيڪڏهن انهن جو اهو ئي رويو آهي ته اجلاس ئي ملتوي ڪيو وڃي جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو