پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 25اگست 2016ء) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي نادرا کي هدايت ڪئي آهي ته آڱرين جي نشانن جي تصديق جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ۽ ڪيترن ئي نسلن کان پاڪستان ۾ آباد پختونن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن جو فوري طور تي ازالو ڪيو وڃي. ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن ڪميٽي جي ڪنوينر سردار عاشق حسين گوپانگ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جا ميمبر شاهده اختر علي، شيخ روحيل اصغر سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گهرو وزارت ۽ ڪابينا ڊويزن جي 10 – 2009ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي نيشنل بئنڪ پاران هٿيار لائيسنس فيس جي مد ۾ سرڪاري رهتون ادا نه ڪرڻ جي معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. گهرو سيڪريٽري عارف خان چيو ته 85 ملين رپين جي رقم نيشنل بئنڪ ۾ آهي، اسان انهن سان ڳالهائي رهيا آهيون، ٻن مهينن ۾ ادائيگي نه ڪئي وئي ته قانوني ڪارروائي ڪنداسين، پي اي سي گهرو وزارت جي موقف تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي هڪ مهيني جو وڌيڪ وقت ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ايف آءِ اي جي جاچ رپورٽ سان گڏ پي اي سي آڏو پيش ٿئي. نادرا جي ڊپٽي چيئرمين سيد مظفر علي ٻڌايو ته وزيراعظم جي دوري سبب نادرا جو چيئرمين اسڪردو ۾ آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم جو دورو ملتوي ٿي ويو آهي ۽ چيئرمين کيس اختيار ڏنو آهي ته هو ڪميٽي کي بريفنگ ڏي. ڪميٽي جي ڪنوينر نادرا چيئرمين کي ان هدايت سان نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته هو ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس آڏو پيش ٿيڻ کي يقيني بڻائي ڪميٽي جي ڪنوينر سردار عاشق حسين گوپانگ چيو ته نادرا آفيسن ٻاهران ڊگهيون لائينون لڳل آهن، ماڻهن جا مسئلا گهٽ ٿيڻ بدران وڌي ويا آهن، نادرا عملدار پارليامينٽ جي ميمبرن کي به اهميت نه ٿا ڏين. شيخ روحيل اصغر ٻڌايو ته نادرا وٽ اهڙو موثر نظام نه آهي جنهن سان آڱوٺن جي نشانن جي تصديق ٿي سگهي. هن چيو ته هو اسيمبلي جو ميمبر آهي سندس آڱوٺي جو نشان به نادرا رڪارڊ وٽ تصديق نه ٿو ٿي سگهي، نادرا جي ڊپٽي چيئرمين سيد مظفر علي شاهه پي اي سي جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته نادرا ڪڏهن ناهي چيو ته ڪنهن جو آڱوٺي جو نشان اسان جي رڪارڊ سان تصديق نه ٿو ٿئي، اسان سدائين آڱرين ۽ آڱوٺن جي نشانن جي غيرمعياري هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

شاهده اختر علي چيو ته هو پاڻ به جڏهن بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ وئي ته سندس آڱرين جي نشانن جي تصديق نه ٿي رهي هئي، نادرا عملدارن چيو ته جڏهن پهريون ڀيرو 2004ع ۾ نادرا شناختي ڪارڊ جي لاءِ فارم جاري ڪيا هئا ان کانپوءِ اهي ختم ڪيا ويا جن ماڻهن جي آڱوٺن جا نشان فارم تي هئا انهن مان ڪجهه ايترا خراب حالت ۾ هئا جو انهن جي تصديق ۾ واقعي مشڪلاتون پيش هيون، ڊيوائس ذريعي حاصل ڪيل نشانن جي حوالي سان ڪا شڪايت نه آهي. نادرا جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته نادرا هن وقت آءِ ٽي جي حوالي سان سڀ کان وڏو ادارو آهي، سڄي ملڪ ۾ 557 رجسٽريشن سينٽرز آهن ۽ اٽڪل ملڪ جي هر تعلقي ۽ ضلعي ۾ اسان جو نيٽ ورڪ موجود آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ بالغ شهرين جو انگ 110 ملين آهي جنهن مان 106.8 ملين ماڻهن جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي. نادرا آفيسن ٻاهران رش گهٽ ڪرڻ جي لاءِ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ميگا سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ لاهور ۾ ميگا سينٽرز قائم ڪيا ويندا جڏهن ته ٻين شهرن ۾ به نادرا جا ميگا سينٽرز قائم ڪيا پيا وڃن. نادرا فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جو آن لائين نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي لاءِ نائيڪوپ ڪارڊ جي آن لائين حاصل ڪرڻ جا به قدم کنيا پيا وڃن جن جا نتيجا حوصلا افزاءَ آهن، سڀئي شناختي ڪارڊ اليڪٽرانڪ طريقيڪار ۽ مرڪزي نظام تحت جاري ٿين ٿا، سمارٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ پڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جيڪو سيڪيورٽي ۽ ٻيون گهرجون پوريون ڪري ٿو. هن چيو ته جعلي ڪاغذن ذريعي حاصل ڪيل 38 هزار شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن. هن پي اي سي کي خاطري ڪرائي ته آڱرين جي نشانن جي تصديق جي نظام کي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته پنهنجي اصلي مقصد کان هٽي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ پاڻ کي مصروف نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هيستائين عورتن جي رجسٽريشن جي شرح گهٽ ٿي، وطن ڪارڊ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيڪي رڳو عورتن جي لاءِ هئا انهن جي ڪري عورتن جي رجسٽريشن ۾ بهتري آئي آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو