بلوچستان سندس دل جي تمام ويجهو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته بلوچستان سندس دل جي تمام ويجهو آهي، فوجي ۽ سويلين سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ صوبي جي امن پسند ماڻهن جي بي پناهه قربانين جي ڪري بلوچستان ۾ امن بحال ٿيو آهي، اسان امن ۽ ترقي جي دشمنن کي صوبي ۾ ترقي جي عمل ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين. هن اها ڳالهه بلوچستان جي وڏي وزير سردار ثناءُ الله زهري سان ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وڏي وزير وزيراعظم کي صوبي ۾ مجموعي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي ڪوئيٽا حملي کانپوءِ شهرين جي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبائي حڪومت پاران کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو.

هن وزيراعظم کي بلوچستان جي مختلف حصن ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ فلاحي اسڪيمن بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ صوبي ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ فلاحي منصوبن کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته بلوچستان صوبي کي پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو