قومي اسيمبلي ۾ اين اي 120 ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي تي مسلم ليگي ميمبرن جون هڪ ٻئي کي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ18ستمبر2017ء) قومي اسيمبلي ۾ لاهور جي تڪ اين اي 120 ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي تي مسلم ليگي ميمبرن هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيندا رهيا جڏهن ته ميان عبدالمنان ايوان ۾ ”شير شير“ جا نعرا لڳائيندو رهيو.

سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري، مسلم ليگ (ن) لاهور جي صدر محمد پرويز ملڪ، شائسته پرويز ملڪ ۽ ٻين کي مسلم ليگي ميمبر مبارڪون ڏيندا رهيا، واضح رهي ته ميان نواز شريف جي خالي ٿيل سيٽ تي سندس گهرواري ڪلثوم نواز ڪامياب ٿي آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون