سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي اقامي، پگهارن جي معاملي ۾ اسان جا سفير مدد ڪري رهيا آهن: وفاقي وزير زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11ستمبر2017ء) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي اقامي، پگهارن جي معاملي ۾ اسان جا سفير مدد ڪري رهيا آهن.

ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقي دوران شهريار آفريدي جي سوال جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي اقامن، پگهارن جي معاملي ۾ اسان جا سفير مدد ڪري رهيا آهن. شير اڪبر خان جي ضمني سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بونير بابت اوورسيز جي حوالي سان جيڪي به مسئلا آهن اهي حل ڪنداسين.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون