پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي تحريڪ هلائي رهيا آهيون: وزيراعظم محمد نواز شريف

سيالڪوٽ (پاکستان نیوز پوائنٹ 22اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي تحريڪ هلائي رهيا آهيون، مخالفن جي تحريڪ فساد، بدامني ۽ ترقي مخالف آهي، پاڪستان مان اونداهي جو خاتمو ڪنداسين، خوشحالي ۽ روشنين کي هٿي ڏينداسين. ڪالهه سومر ڏينهن هتي سيالڪوٽ لاهور موٽروي منصوبي جي پيڙهه پٿر رکڻ واري تقريب جي موقعي تي هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته موٽروي منصوبو سيالڪوٽ جي عوام لاءِ تحفو آهي جيڪا ترقي ڏانهن وک آهي، اسان جو ڪنٽينر ترقي ۽ خوشحالي جو ڪنٽينر آهي، اسان ملڪ جا رستا ٺاهي رهيا آهيون، ڪجهه ماڻهو رستن تي اچي رهيا آهن، پاڪستاني نوجوان ترقي ۽ خوشحالي چاهين ٿا، مخالف اسان جي ترقي پروگرام کان ڊنل آهن، عوام ترقي جي لاءِ فساد کي رد ڪري ڇڏي. هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ ترقياتي ڪم تاريخ جو روشن باب هوندو، فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگردي کي سدائين جي لاءِ ختم ڪنداسين، چين جي تعاون سان لنگهه منصوبو جلد مڪمل ٿيندو، اسان خراب حالت واري ريلوي ۽ پي آءِ اي کي ٺيڪ ڪيو آهي، پي آءِ اي جي پريميئر سروس سيالڪوٽ کان به شروع ٿيندي، سيالڪوٽ کان لاهور جو ٽن ڪلاڪن جو سفر 50 منٽن ۾ ٿيندو، موٽروي سيالڪوٽ کان کاريان به ويندو. هن چيو ته سيالڪوٽ جي تاريخ ۾ اڄ منفرد ڏينهن آهي جو هتي موٽروي منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکيو پيو وڃي جنهن سان سيالڪوٽ پوري ملڪ سان ڳنڍجي ويندو، سيالڪوٽ کان پسرور تائين پڻ رستو ٺاهيو ويندو، هر حال ۾ ڊسڪه پسرور رستو ٺاهينداسين. هن چيو ته عوام جو جذبو ڏسي ڪنٽينر تي چڙهندڙ ويهي رهندا. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو نٿا چاهين ته پاڪستان مان غربت جو خاتمو ٿئي ۽ خوشحالي اچي، 2013ع ۾ هر طرف احتجاج هو، هاڻي هر طرف خوشحالي اچي رهي آهي، 2018ع تائين لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيندو، اسان سڄي ملڪ ۾ موٽرويز ٺاهي رهيا آهيون، خنجراب کان ڪراچي تائين رستا ٺهندا. وزيراعظم چيو ته موٽروي منصوبو سيالڪوٽ جي عوام لاءِ تحفو آهي، مون هدايت ڪئي آهي ته اهو منصوبو ٻن سالن کان گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي.

هن چيو ته سيالڪوٽ شاهينن ۽ اقبال جو شهر آهي، مون کي سيالڪوٽ جي عوام سان دلي پيار آهي، اسان آئنده به هتان جي ماڻهن کي ترقي جا وڌيڪ تحفا ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته هي بهترين موٽروي هوندو. وزيراعظم چيو ته 1999ع ۾ جيڪڏهن اسان جي حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته پوري ملڪ ۾ موٽرويز ٺهي وڃن ٿا اسان انهن منصوبن تي ٻيهر تيزي سان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، فيصل آباد کان ملتان جي لاءِ موٽروي منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي، سکر کان حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين موٽروي ٺهندا، اسان خنجراب کان ڪراچي تائين رستن جو ڄار وڇائينداسين. هن چيو ته اڄ خوشحالي اسان جي دروازي تي آواز ڏئي رهي آهي، دهشتگردي آخري ساهه کڻي رهي آهي، اسان پنهنجي فوجي آفيسرن ۽ جوانن ۽ پوليس جي آفيسرن، جوانن، سيڪيورٽي ادارن ۽ عوام کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن دليري سان جنگ وڙهي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جا ڪارخانا لڳي رهيا آهن، ساهيوال، قصور، ٿر، ڪراچي ۾ پاور پلانٽس قائم ڪيا پيا وڃن، ڪوئلي ۽ گئس سان بجلي جا منصوبا هنيا پيا وڃن، هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا قائم ڪيا پيا وڃن. هن توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ تي چين جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته عوام جي ترقي ۽ خوشحالي منهنجو فرض آهي جنهن جي لاءِ اسان وڌ کان وڌ ڪم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته موٽروي سان سيالڪوٽ جي تقدير بدلجي ويندي جيڪو پاڪستان جو بهترين شهر بڻجندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا نوجوان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي چاهين ٿا، اهو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي ته ڇا انهن کي استحڪام گهرجي يا بدامني، امن گهرجي يا فساد، معاشي سرگرمي گهرجي يا احتجاج، جنهن تي جلسي گاهه ۾ موجود عوام ڀرپور جواب ڏيندي چيو ته اسان کي استحڪام، امن ۽ معاشي سرگرمي گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڪالا شاهه ڪاڪو کان نئون رستو ٺهندو جنهن کي لنڪ روڊ سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته سيالڪوٽ ۾ اورنج لائين ٽرين ۽ ميٽرو بس سروس جي پڻ شروعات ڪئي ويندي، سيالڪوٽ کان سمبڙيال تائين پڻ نئون رستو ٺاهيو ويندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو