آمريڪي صدر جي بيان تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي حڪومت سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي پاليسي جوڙي: سيد خورشيد احمد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ24اگست2017ء) پاڪستان پيپلزپارٽي افغانستان پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي حوالي سان آمريڪي صدر جي حوالي سان بيان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري حڪومت سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي پاليسي جوڙي.

ڪالهه خميس ڏينهن مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته حڪومتي سطح تي آمريڪي وفد جي بيان کي نظر ۾ رکندي سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي متفقه لائحه عمل جوڙيو وڃي، حڪومت مخالف ڌر سان گڏجي قومي وقار جي تحفظ جي لاءِ پاليسي جوڙي، بيان ۾ چيو ويو ته آمريڪي صدر جي بيان جو معاملو صرف حڪومت يا مخالف ڌر جو ناهي پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جي خودمختياري جو مسئلو آهي، وزيراعظم ان حوالي سان ٺوس قدم کڻي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو