تاپي منصوبي تي هر ملڪ پنهنجي حصي موجب سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي: مملڪتي وزير ڄام ڪمال

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ23اگست2017ء) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري مملڪتي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته تاپي منصوبي تي هر ملڪ پنهنجي حصي موجب سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي، سيڪيورٽي پلان مڪمل ۽ ٻيون گهرجون پوريون ٿيڻ کانپوءِ ان تي ڪم اڳتي وڌايو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقي دوران سينيٽر ڪريم احمد خواجه جي سوال جي جواب ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري مملڪتي وزير ڄام ڪمال ٻڌايو ته 18 هين ترميم کانپوءِ معدنيات جو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي، هاڻي ان بابت سمورا معاملا صوبا طئي ڪن ٿا.

عثمان ڪاڪڙ جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته تاپي گئس پائيپ لائين تي چئني ملڪن ڪافي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، معاهدا به طئي ٿي ويا آهن، هڪ نئين ڪمپني ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ چئني ملڪن جي نمائندگي آهي، هر ملڪ پنهنجي حصي موجب سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي، ترڪمانستان حڪومت افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته وڏو مسئلو افغانستان جو آهي، سيڪيورٽي پلان مڪمل ٿيڻ تي ڪم اڳتي وڌندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو