جمهوري استحڪام ۽ پارليامينٽ جي بالادستي انهي وقت ممڪن ٿيندي جڏهن اسان پارليامينٽ کي اهميت ڏينداسين: شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ22اگست2017ء) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته جمهوري استحڪام ۽ پارليامينٽ جي بالادستي انهي وقت ممڪن ٿيندي جڏهن اسان پارليامينٽ کي اهميت ڏينداسين.

ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه طرفان اٿاريل نقطن جي جواب ۾ وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي آبرويشن درست آهي، اسان کي پنهنجي ذميداري جو احساس پاڻ کي ڪرڻ گهرجي، ڪنهن به سياستدان جي زندگي ۾ وزير جي عهدي تي پهچڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هو هر اجلاس جي دوران وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين کي باقاعده خط لکندو آهي، پارليامينٽ جي بالادستي انهي طرح ممڪن ٿيندي جڏهن اسان پارليامينٽ کي اهميت ڏينداسين، ان دوران پويان ويٺل عورتون ۽ ڪجهه اسيمبلي ميمبر اڳين سيٽن تي اچي ويهي رهيا، شيخ آفتاب احمد چيو ته سوا چار سال گذري ويا آهن اسان سان گڏ هلڻ جا عادي ٿي وڃو،

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو