قومي اسيمبلي پاران پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ (ترميمي) بل 2017ع جي اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ17اگست2017ء) قومي اسيمبلي پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ (ترميمي) بل 2017ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ واپار واري وفاقي وزير پرويز ملڪ رٿ پيش ڪئي ته پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ (ترميمي) بل 2017ع غور هيٺ آندو وڃي، ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ چيئرمين بل جي هڪٻئي پويان سمورين شقن جي منظوري حاصل ڪئي، وفاقي وزير پرويز ملڪ رٿ پيش ڪئي ته پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ (ترميمي) بل 2017ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي اتفاق راءِ سان بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو