ڪراچي (پاکستان نیوزپوائنٹ12اگست2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ڪراچي پهتو. وفاقي گهرو وزير احسن اقبال پڻ وزيراعظم سان گڏ هو.
ايئرپورٽ پهچڻ تي سنڌ جي گورنر محمد زبير ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) سنڌ جي قيادت ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.