ڪشمير پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي: خواجه محمد آصف

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ4اگست2017ء ) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، ڪشميرن کي دنيا جي ڪنهن به فورم تي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏيهن پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

خواجه محمد آصف چيو ته پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ وقار سربلند رکڻ لاءِ پنهنجون سموريون توانايون خرچ ڪندس، نواز شريف سان قوم اڄ به محبت ڪندي آهي، عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿينداسين، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته صحافين کي صبر جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي، اهي هر معاملي ۾ جلد بازي ڪندا آهن، هن چيو ته ڪشميري اسان جا ڀاءُ آهن ۽ ڪشمير پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، دنيا جي ڪنهن به فورم تي ڪشمرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، ڪشمير جي حق لاءِ هر سطح تي آواز بلند ڪنداسين.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو