ٻارن جي اغوا ۽ انهن جي عضون جي وڪري جي حوالي سان ايندڙ اجلاس ۾ايوان کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويندو: مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17اگست 2016ء) ڪيڊ جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ٻارن جي اغوا ۽ انهن جي عضون جي وڪري جي حوالي سان ايندڙ اجلاس ۾ ايوان کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ڊاڪٽر امجد علي خان چيو ته ٻارن کي اغوا ڪري انهن جا عضوا وڪرو ڪرڻ جي واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ان جي جواب ۾ ٻڌايو ته ان حوالي سان معلومات وٺي ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو. مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ٻڌايو ته سي ڊي اي ۾ اسان ٽي ارب رپين جي ڪرپشن جهلي آهي، اسلام آباد ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي به وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪئي پئي وڃي. مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڊاڪٽر فوزيه حميد جي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته پمز ۾ جگر جي پيوندڪاري جو مرڪز اڃا تائين فعال ناهي ٿيو تنهن هوندي به ان کي بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

هن چيو ته هتي جيڪا مشينري خريد ڪئي وئي آهي اها 90 سيڪڙو تائين استعمال جوڳي حالت ۾ آهي. مملڪتي وزير نفيسا عنايت الله خان خٽڪ جي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ استادن جي کوٽ آهي، شروع ۾ نوڪرين تي پابندي هئي هاڻي وزيراعظم ڀرتين جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي سڌارن واري پروگرام تحت سائنس جي مضمون لاءِ استاد ڀرتي ڪيا ويندا، ڀارتي جي لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اخبارن ۾ اشتها ڏنا ويندا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون