سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حوالي سان لاڳاپيل وزارت بريفنگ جواهتمام ڪري: مراد سعيد

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر مراد سعيد چيو آهي ته سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حواليسان لاڳاپيل وزارت بريفنگ جو اهتمام ڪري.

ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي مراد سعيد چيو ته سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حوالي سان لاڳاپيل وزارت هڪ هفتي ۾ بريفنگ ڏيڻ جو واعدو پورو ناهي ڪيو، مسئلو ڪجهه ڪمپنين يا ڪجهه هزار ماڻهن جو نه اهو لکين ماڻهن جي روزگار جو مسئلو آهي، حڪومت کي صورتحال واضح ڪرڻ گهرجي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون