چوڌري نثار پاران افغان شهريت رکندڙ شخص جي مقرري بابت خبرن جو نوٽيس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 30جون2017ء) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڊائريڪٽوريٽ آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ۾ مبينا طور تي افغان شهريت رکندڙ شخص جي اسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان مقرري جي حوالي سان خبرن جو نوٽيس ورتو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن گهرو وزارت جي ترجمان واضح ڪيو ته ڄاڻايل مقرري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي تجويز ڪيل طريقيڪار ذريعي ٿي.

ترجمان واضح ڪيو ته مقرري جي عمل ۾ لاڳاپيل کاتي يا گهرو وزارت جو ڪو عمل دخل يا ڪردار نه آهي. گهرو وزير نادرا کي هدايت ڪئي آهي ته افغان شهريت جي حوالي سان خبرن جي ڏس ۾ ڄاڻايل شخص جا دستاويز ۽ پاڪستاني شهريت جي تصديق ڪئي وڃي.۔

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو