پيپلزپارٽي پاران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جي مڪمل حمايت جو فيصلو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 10اگست 2016ء) پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز معاشري مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ حڪومت طرفان نيشنل ايڪشن پلان جي مڪمل حمايت جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان پارٽي جي ذريعن ٻڌايو آهي ته هي فيصلو پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيندڙ پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن جي صدارت قومي اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه ڪئي، اجلاس ۾ هي به تجويز ڏني وئي ته پيپلزپارٽي جي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي نگراني ڪري.

ڪميٽي تجويز ڏني ته پارلياماني ڪميٽي جو نالو پارليامينٽ جي نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي رکيو وڃي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو