قومي اسيمبلي ۾ عبدالرحيم مندوخيل ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ مارجي ويندڙن لاءِ فاتحه خواني

اسلام آباد(پاکستان نیوزپوائنٹ 23مئ2017ء) قومي اسيمبلي ۾ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينئر پارليامينٽرين عبدالرحيم مندوخيل ۽ دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ مارجي ويندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪرائي وئي، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق ايوان کي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جو سينئر ميمبر عبدالرحيم مندوخيل گذريل ڪيترن ئي مهينن کان

بيمار هو، 20 مئي تي لاڏاڻو ڪري ويو آهي، اسپيڪر چيو ته جمهوريت جي لاءِ سندس وڏيون خدمتون هيون، ان کانسواءِ هن ٻڌايو ته 20 مئي تي تربت، 22 مئي تي خيبر ايجنسي، وادي تيراه ۾ پيش آيل واقعن ۾ فوتگيون ٿيون، هن چيو ته سمورن مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي وڃي، اسپيڪر جي چوڻ تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪرائي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون