قومي اقتصادي ڪائونسل مالي سال 18 -2017ع جي لاءِ سالياني پلان ۽ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19مئ2017ء) قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) مالي سال 18 -2017ع جي لاءِ سالياني پلان ۽ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اين اي سي جو اجلاس جمعي ڏينهن وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم، خيبرپختونخوا جو گورنر، پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جا وڏا وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير به موجود هئا.

اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته مالي سال 18 -2017ع جي لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ صوبائي حصي ۾ مالي سال 13 -2012ع جي ڀيٽ ۾ ٽي دفعا وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ترقياتي منصوبابندي جي لاءِ عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون