دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ صحافين جي لاءِ به فوج ۽ پوليس جي اهلڪارن وانگر معاوضي جو اعلان ڪيو وڃي: صحافتي تنظيمون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) قومي اسيمبلي ۾ صحافتي تنظيمن جي نمائندن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ صحافين جي لاءِ به فوج ۽ پوليس جي اهلڪارن وانگر معاوضي جو اعلان ڪيو وڃي، صحافين جي لاءِ وڪٽم فنڊ ۽ انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي، جڏهن ته وزيراعظم جي ادبيورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي چيو آهي ته صحافين جي تحفظ جي حوالي سان سموريون شڪايتون ۽ سفارشون لکت ۾ وزيراعظم تائين پهچائيندس ۽ صحافين جو ڪيس موثر انداز ۾ وزيراعظم آڏو پيش ڪندس، صحافين جا جائز مطالبا پورا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، واڪ آئوٽ ختم ڪرڻ تي صحافين جا ٿورائتا آهيون. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪوئيٽا سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ پنهنجي ساٿي ڪئميره مينن جي شهادت تي صحافين قومي اسيمبلي جي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو، صحافين حڪومتي نمائندن کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ حڪومت جي لاڳيتو ڌيان نه ڏيڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو. ڪوئيٽا بم ڌماڪي ۾ ٻين شهرين سان گڏ پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ دوران شهيد ٿيندڙ پنهنجي ساٿي ڪئميره مينن جي گهرڀاتين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ صحافين قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو. اسپيڪر جي هدايت تي وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر ۽ وزيراعظم جي ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي پريس لائوج ۾ آيا ۽ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پي آر اي جي صدر صديق ساجد، نائب صدر ارشد وحيد چوڌري، پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر شهريار خان ۽ پريس ڪلب جي نائب صدر آصف ڀٽي حڪومتي نمائندن کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ حڪومت جي لاڳيتو ڌيان نه ڏيڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت پوليس ۽ فوج وانگر صحافين جي لاءِ به خاص شهيد پئڪيج جو اعلان ڪري. صحافين جي لاءِ جرنلسٽ وڪٽم فنڊ ۽ انڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو فوري اعلان ڪيو وڃي، پيشيواراڻي فرضن جي ادائگي دوران شهيد ٿيندڙ صحافين ۽ ورڪرن جي پونئيرن کي گهٽ ۾ گهٽ 50 لک رپيا ۽ پلاٽ معاوضي جي طور تي ادا ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، ويج بورڊ ٽي وي چينلن تي به لاڳو ڪيو وڃي ۽ هيلٿ لائيف انشورنس کي به يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته صحافين جي تحفظ جي لاءِ پارليامينٽ جي ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، صحافين پنهنجي واڪ آئوٽ دوران به ايوان ۾ ڪارروائي جاري رکڻ تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مختلف وقتن ۾ صحافين جي واڪ آئوٽ ۽ احتجاج جي باوجود صحافين جي سلامتي، معاوضن جي ادائيگين ۽ حڪومتي اعلانن تي عملدرآمد نه ٿيو.

وزيراعظم جي صلاحڪار عرفان صديقي چيو ته صحافين جي تحفظ جي حوالي سان سموريون شڪايتون ۽ سفارشون لکت ۾ وزيراعظم تائين پهچائيندس ۽ صحافين جو ڪيس موثر انداز ۾ وزيراعظم آڏو پيش ڪندس. صحاين سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس، جيڪڏهن نه ڪري سگهيس ته گهٽ ۾ گهٽ انهن سان گڏ بائيڪاٽ ۾ ضرور شرڪت ڪندس. وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر چيو ته هڪ صحافي جڏهن گهر مان نڪري ٿو ته مشڪلاتن جو شڪار ٿئي ٿو، جڏهن به عرفان صديقي وزيراعظم سان ملاقات جي لاءِ ويندو آئون ساڻس گڏ ويندس، ڪوشش ڪنداسين ته صحافين جا مطالبا بهتر انداز ۾ اڳيان پيش ڪريون. بعد ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار عرفان صديقي ايوان کي ٻڌايو ته صحافي برادري سندن آڏو پنهنجو موقف وڏي تفصيل سان پيش ڪيو آهي، سندن گهڻيون ڳالهيون جائز آهن، ڪوئيٽا جي واقعي ۾ ٻه ٽي وي ڪئميره مين به شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. مون کين خاطري ڪرائي آهي ته آئون سندن موقف وزيراعظم تائين پهچائيندس. هن مطالبو ڪيو ته ايوان جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي. هن چيو ته صحافين جا جائز مطالبا پورا ڪرڻ تي اسان کي ڌيان ڏيڻو پوندو. صحافين اسان جي درخواست تي واڪ آئوٽ ختم ڪيو آهي اسان سندن ٿورائتا آهيون.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو