وزيراعظم پاران سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي به صوبي جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ڇو ته هي امن سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ بلوچستان جي عوام جي ڪوششن ۽ بي پناهه قربانين سان بحال ٿيو آهي.

وزيراعظم نواز شريف زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ مارجي ويندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڏي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي وڪيلن ۽ سول سوسائٽي لاءِ حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو