جيستائين جمهوريت مضبوط نه ٿيندي فلاحي رياست جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي: سعيد غني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) پيپلزپارٽي جي سينيٽر سعيد غني چيو آهي ته جيستائين جمهوريت مضبوط نه ٿيندي فلاحي رياست جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، معاشري جي تلخ حقيقتن تي غور ڪري مستقبل ۾ ان کان بچڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ جي 44 هين يوم تاسيس، سينيٽ جي ڪردار ۽ اختيارن تي بحث ۾ حصو وٺندي سعيد غني چيو ته اسان جي سياسي نظام ۾ سينيٽ جو تمام گهڻو اهم ڪردار آهي تنهن هوندي به 1973ع جي آئين تحت سينيٽ جو جيڪو ڪردار ماضي ۾ اسان کي نظر اچڻ گهربو هو اهو نظر نه آيو، هن چيو ته اسان کي انهن سببن جو جائزو وٺڻ گهرجي ته اسان پنهنجا مقصد حاصل ڇو نه ڪري سگهيا آهيون، اڄ به غير يقيني واري صورتحال موجود آهي، هي شايد سياسي قيادت ۽ پارليامينٽ جي وڏي ناڪامي آهي ته اسان ان ڳالهه کي يقيني نه بڻائي سگهياسين ته ڪير آئينجي راتاهو نه هڻندو، هن چيو ته جيستائين جمهوريت مضبوط نه ٿيندي فلاحي رياست جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، جمهوريت کانسواءِ ڪو به نظام عوام جا مسئلا حل نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته معاشري جي تلخ حقيقتن تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ مستقبل ۾ ان کان بچڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. اي پي پي/ش – چ/ر – م 20:17

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو