انساني جانيون بچائڻ وارين گهٽ قيمت دوائن جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ لاءِقدم کنيا ويندا: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته ٿائي راڪسن سميت انساني جانيون بچائڻ واري گهٽ قيمت دوائن جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ ۽ ان جي مارڪيٽ ۾ دستيابي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا، دوائن جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران نعيمه پانيزئي جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن ٻڌايو ته وزيراعظم جي قومي صحت پروگرام تي بلوچستان ۾ چئن ضلعن ۾ عملدرآمد ڪيو پيووڃي، اها هيلٿ انشورنس جي سهولت سرڪاري اسپتالن جي عدم موجودگي تي نجي اسپتالن ۾ به ڏني وئي آهي، بلوچستان ۾ 2 لک 44 هزار 810 غريب خاندان فائدو وٺي سگهندا. عائشه سيد جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري ٻڌايو ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاڪستان پنجن ڪمپنين جي خلاف ڪارروائي ڪري 6 هزار 18 ڪيپسول، 4 لک 8 هزار 597 گوريون، 14 هزار 500 سيرپ، 23 هزار 561 ملم ڪريم، 1473 اکين جا ڦڙا، 1033 ٽڪا ۽ 298 رورل ڊرپز قبضي ۾ ورتيون.

اسان 525 ڪمپنين کي ايڪسپورٽ لائيسنس ڏنا آهن، صحت پاليسي موجود آهي ۽ برآمد ڪرڻ واري ڪنهن به دوا جي معيار جي باري ۾ ڪي مشڪلاتون آهن ته آگاهه ڪيو. ان تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ٿائي راڪسن يا اهڙي گهٽ قيمت دوائون جنهن جو استعمال گهٽ آهي تنهن هوندي به اهي ضروري آهن انهن جي قيمتن تي نظرثاني لاءِ تيار آهيون ته جيئن اهي مارڪيٽ ۾ دستياب هجن، حڪومت ڪوالٽي ڪنٽرول تي ڪو به ٺاهه نه ڪندي، هاڻي موقعي تي وڃي ڇنڊڇاڻ ڪئي پئي وڃي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو