مريم اورنگزيب پاران صحافي بشير چوڌري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 25مارچ2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ٽي وي چيئنل 24 جي سينئر رپورٽر بشير چوڌري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مملڪتي وزير بشير چوڌري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ الله تعاليٰ کان مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪرڻ ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي۔

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو