وزيراعظم اڄ ترڪيءَ جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 21فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف اڄ اربع ڏينهن ترڪيءَ جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو. وزيراعظم پاڪستان ترڪي جي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. مختلف وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندو. دوري دوران وزيراعظم مختلف ٻطرفن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ترڪ قيادت سان وسيع تر مشاورت ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪ وزيراعظم بن علي يلدرم سان گڏ خميس ڏينهن انقره ۾ پاڪ ترڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي پنجين اجلاس جي گڏيل صدارت پڻ ڪندو. پاڪ ترڪ اعليٰ سطحي تعاون ڪائونسل جو قيام 2009ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سياسي سطح تي مشاورت جي لاءِ فريم ورڪ جي طور عمل ۾ آندو ويو. اهو مڪينزم ٻطرفي قيادت کي اسٽريٽجڪ فوڪس ۽ رهنمائي فراهم ڪري ٿو ۽ مستقبل جي لاءِ هڪ ويزن جوڙڻ ۾ مدد ڏي ٿو. ڪائونسل تحت 6 گڏيل ورڪنگ گروپس ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ واپار، توانائي، بئنڪنگ ۽ فنانس، مواصلات، ريلوي، تعليم ۽ ثقافت ۽ سياحت جا شعبا شامل آهن. ڪائونسل جا ڊسمبر 2010ع، مئي 2012ع، سيپٽمبر 2013ع ۽ فيبروري 2015ع ۾ چار اجلاس ٿي چڪا آهن. آخري اجلاس 17 فيبروري 2015ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو هو. ڪائونسل جي فريم ورڪ تحت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 50 کان وڌيڪ معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداستن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ڪائونسل جي پنجين اجلاس جي پڄاڻي تي هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويندو جڏهن ته ان موقعي تي ڪيترائي معاهدا ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. دوري دوران وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪ صدر طيب اردوان سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم محمد نواز شريف 15 جولاءِ 2016ع تي ترڪي ۾ ناڪام بغاوت جي خلاف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران يڪجهتي ۽ اڻٿڪ حمايت جي عزم جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ ترڪ پارليامينٽ جو دورو پڻ ڪندو.

بغاوت جي رات ترڪ پارليامينٽ کي بمباري جو نشانو بڻايو ويو هو. وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪي ۾ جمهوريت جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيندڙن کي خراج عقيدت پڻ پيش ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لاڳاپا رياستن جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان انفرادي حيثيت رکندڙ آهن جيڪي غيرمعمولي گرمجوشي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. انهن ڀائراڻن لاڳاپن جو بنياد گڏيل عقيدي، تاريخ، ثقافت ۽ ٻولي ۾ تعلق تي آهن. ٻئي قومون ڪشمير ۽ قبرص سميت پنهنجي قومي مقصدن جي لاءِ هڪ ٻئي سان گڏيل تعاون ڪن ٿيون. پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ويجهڙ وارن سالن ۾ هڪ نئين سگهه ۽ هٿي ملي آهي ۽ انهن لاڳاپن جو دائرو اقتصادي لاڳاپن کان وٺي دفاعي تعاون ۽ تعليمي ۽ ثقافتي رابطن جي فروغ تائين وسيع ٿيو آهي. ٻنهي طرفن کان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏئي پنهنجي اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن. ٻنهي ملڪن جي قيادت 21 هين صدي جي حقيقتن کي آڏو رکندي پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي هڪ مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جوعزم رکي ٿي. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه پڻ ملهائي پئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ ڪيترائي خصوصي پروگرام ۽ تقريبون منعقد ڪري رهيا آهن. وزيراعظم محمد نواز شريف جو ترڪيءَ جو دورو ۽ پاڪ ترڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ آزمايل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو