وزيراعظم پارانلاڙڪاڻي ۾ رينجرز اهلڪارن تي حملي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔30 جولائی۔2016) وزيراعظم محمد نواز شريف لاڙڪاڻي ۾ رينجرز اهلڪارن تي حملي جي مذمت ڪندي شهيد اهلڪار جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم لاڙڪاڻي ۾ رينجرز تي حملي جي سخت مذمت ڪندي ان حملي ۾ رينجرز اهلڪار جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد اهلڪار جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن کي اهو نقصان برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا ڪرڻ جي دعا ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 16:53

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو