وزيراعظم جو خطاب تاريخي اهميت رکي ٿو: ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22ستمبر 2016ء) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب تاريخي اهميت رکي ٿو، دشمن جي ڪنهن به مهم جوئي جي صورت ۾ پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج دشمن جي لاءِ لوهه جا چڻا ثابت ٿيندي. ڪالهه خميس ڏينهن جاري بيان موجب ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي چيو ته وزيراعظم نواز شريف والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي سموري دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري ڪشمير مسئلي جي حساسيت ۽ اهميت کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو.

هن چيو ته پوري قوم ملڪ جي حفاظت لاءِ وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ متحد ۽ پرعزم آهي. دشمن جي مهم جوئي جي صورت ۾ پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج دشمن جي لاءِ لوهه جا چڻا ثابت ٿيندي.

گوگل پلس واٹس ایپ تے شیئر کرو

ہور مضمون