حڪومت جمهوري ۽ سياسي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي: مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان

حڪومت جمهوري ۽ سياسي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي: مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) گهرو معاملن جي مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو آهي ته حڪومت جمهوري ۽ سياسي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي، اسلام آباد کي بند ڪرڻ جي مجرماڻي فعل کي پورو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ممڪن نه هو، ڪٿي به چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ناهي ٿيو، 10، 15 لک ماڻهو جمع ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ ان جو چوٿون حصو به گڏ ڪري نه سگهيا، حڪومت پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواري پوري ڪئي آهي. سينيٽ ۾ 27 آڪٽوبر جي واقعن جي حوالي سان رٿ تي بحث سهيڙيندي وفاقي گهرو مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته جهڙي طرح جون ڌمڪيون ڏنيون پئي ويون، حالتون ته ان سطح تائين نه پهتيون. هن چيو ته حڪومت مڪمل جمهوري ۽ سياسي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته اسان چيو هو ته جيترا ڪارڪن اچن ڀلي اچن پر ان جي آڙ ۾ معمول واري زندگي متاثر نه ٿئي. هن چيو ته اسان کي حڪومت نه هلڻ ۽ شهر بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، جنهن جي لاءِ قلم 144 هنيو ويو، اسلام آباد ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو، ڪنهن جي گهر تي ڇاپا نه لڳا، قلم 144 جي ڪري 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيڻ تي پابندي هئي، 323 گرفتاريون ٿيون، ايف آءِ آرز جون ڪاپيون به فراهم ڪيون ويون. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي وزير اڃا تائين هٿيارن جا لائيسنس فراهم ناهن ڪيا ۽ جيڪي بوتلون مليون هيون اهي ميڊيا ڏٺيون آهن، پرامن احتجاج اهڙو ناهي هوندو ۽ صوبائي وزير جهڙي طرح ڀڳو اهو به دنيا ڏٺو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ رياست جي عملداري قائم ٿي آهي، پوليس ۽ ايف سي قانون موجب ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي جلوس کي پنجاب جي حدن ۾ روڪيو ويو، 10 کا 15 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ ان جو چوٿون حصو به گڏ نه ڪري سگهيا، هن چيو ته ڪٿي به ڪريڪ ڊائون نه ڪيو ويو. عوام کي هڪ بي قابو ليڊر جي جٿي جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم پهرين پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو ۽ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جي لاءِ خط به لکيو. هن چيو ته موجوده حڪومت بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جيترو ڪم ڪري رهي آهي، پهرين ڪڏهن به ناهي ٿيو، هتي جڏهن به ڌرڻا لڳا ترقي جو عمل بيهجي ويو پر ملڪ هاڻي انتشار جي سٽ نه ٿو سهي سگهي.