ماروي ميمڻ سربيا انڊونيشيا ۾ منعقد ٿيل گلوبل وومينز ليڊرشپ پروگرام ۾ يو اين هيبيٽيٽ 3 جي تياري بابت ڪميٽي جي ٽئين سيشن ۾ اين ڊي آءِ جي وفد جي سربراهه طور پاڪستان جي نمائندگي ڪئي

ماروي ميمڻ سربيا انڊونيشيا ۾ منعقد ٿيل گلوبل وومينز ليڊرشپ پروگرام ۾ يو اين هيبيٽيٽ 3 جي تياري بابت ڪميٽي جي ٽئين سيشن ۾ اين ڊي آءِ جي وفد جي سربراهه طور پاڪستان جي نمائندگي ڪئي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔26 جولائی۔2016) بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن مملڪتي وزير ماروي ميمڻ سربيا انڊونيشيا ۾ منعقد ٿيل گلوبل وومينز ليڊرشپ پروگرام ۾ يو اين هيبيٽيٽ 3 جي تياري بابت ڪميٽي جي ٽئين سيشن ۾ اين ڊي آءِ جي وفد جي سربراهه طور پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هيبيٽيٽ 3 گڏيل قومن جي تعميرات ۽ پائيدار شهري ترقي تي ٽئين ڪانفرنس آهي جيڪا آڪٽوبر 2016ع ۾ منعقد ڪئي ويندي. مملڪتي وزير ماروي ميمڻ پاڪستان پاران اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چيو ته 1996ع ۾ استنبول ۾ انساني آبادين بابت گڏيل قومن جي ٻي ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کان وٺي هيستائين پاڪستان هيبيٽيٽ 2 ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ ساراهه جوڳيون ڪوششون ڪيون آهن. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ڏکڻ ايسيا ۾ سڀ کان وڌيڪ شهري آبادي رکندڙ ملڪ آهي ۽ 1998ع ۾ ان جي شهري آبادي 43.0 ملين هئي ۽ سال 2025ع تائين ان جي شهري آبادي وڌڻ جي اميد ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ويزن 2025ع شروع ڪيو جنهن ۾ شهري آبادي جي نظام ۽ ان جي تبديلي بابت منصوبابندي موجود آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:50