وزيراعظم بوسنيا جي دوري کانپوءِ وطن واپس ويندي بخارسٽ ۾ مختصر قيام ڪيو

وزيراعظم بوسنيا جي دوري کانپوءِ وطن واپس ويندي بخارسٽ ۾ مختصر قيام ڪيو

بخارسٽ (پاکستان نیوز پوائنٹ 22دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز بوسنيا هرزگوينا جي 3 ڏينهن جي دوري کانپوءِ وطن واپس ويندي ڪالهه خميس ڏينهن رومانيه جي گادي واري شهر بخارسٽ ۾ مختصر قيام ڪيو. رومانيه جي نائب وزيراعظم ڪاسٽن يورپ ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. بيگم ڪلثوم نواز ۽ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو خصوصي معاون طارق فاطمي پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم جو جهاز ٻارڻ ڀرڻ جي لاءِ ڪجهه دير لاءِ بخارسٽ رڪيو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:51