وزيراعظم بوسنيا ۾ قائم ڪراچي ميموريل جو دورو ڪيو

وزيراعظم بوسنيا ۾ قائم ڪراچي ميموريل جو دورو ڪيو

سراجيوو (بوسنيا) (پاکستان نیوز پوائنٹ 22دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه خميس ڏينهن ڪراچي ميموريل جو دورو ڪيو جيڪو 1992ع کان 1995ع جي جنگ جي بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي سپاهين جو سڀ کان وڏو قبرستان آهي. وزيراعظم سان بوسنيا جو وزيراعظم ۽ ڪائونسل آف منسٽرز جو چيئرمين پڻ گڏ هئا. وزيراعظم اتي دعا پڻ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن 1995ع جي سربين جي قتل عام جي تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:44