حڪومت پاران افغانستان سرحد تي طورخم جي مقام تي سيڪيورٽي کي موثر بڻائڻ، چرپر جي مانيٽرنگ لاءِ تعمير ٿيندڙ گيٽ پهرين آگسٽ تائين مڪمل ٿي ويندو

حڪومت پاران افغانستان سرحد تي طورخم جي مقام تي سيڪيورٽي کي موثر بڻائڻ، چرپر جي مانيٽرنگ لاءِ تعمير ٿيندڙ گيٽ پهرين آگسٽ تائين مڪمل ٿي ويندو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) حڪومت پاران افغانستان سرحد تي طورخم جي مقام تي سيڪيورٽي کي موثر بڻائڻ، چرپر جي مانيٽرنگ لاءِ تعمير ٿيندڙ گيٽ پهرين آگسٽ تائين مڪمل ٿي ويندو، انگوره اڏي سميت 6 وڏن ڪراسنگ مقامن تي به انهي وانگر گيٽ مرحليوار لڳايا ويندا، باڊر مينيجمنيٽ ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند آهي، طورخم تي لڳل گيٽ کان چرپر شروع ٿيڻ تي سفري دستاويزن کانسواءِ داخلا تي پابندي هوندي، افغان سرحد تي طورخم جي مقام تي پهرين 15 ڏينهن کان 20 هزار ماڻهو ۽ 900 کان 1200 گاڏين جي اچ وچ هوندي آهي، گيٽ غيرقانوني چرپر روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين مددگار ثابت ٿيندو. سينيٽ جي دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي طورخم جي مقام تي بايو ميٽرڪ سسٽم لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، ان امر جو اظهار دفاع واري وفاقي سيڪريٽري ليفٽننٽ جنرل (ر) عالم خٽڪ سينيٽ جي دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو، اجلاس جي صدارت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين مشاهدو حسين سيد ڪئي، جڏهن ته دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، دفاع واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري، ڪميٽي جا ميمبر الياس احمد بلور، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) صلاح الدين ترمذي، هدايت الله، ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي، محمد جاويد عباسي، فرحت الله بابر، سحر ڪامران، برگيڊيئر (ر) جون ڪينٿ وليم کانسواءِ دفاع واري وزارت ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ جا آفيسر به موجود هئا. ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم پنهنجي تازي برطانيه جي دوري، دولت مشترڪه فورم جي ورڪشاپ، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سان ملاقاتن سميت والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف عالمي فورمز کي آگاهه ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ڪميٽي کي پيش ڪئي، جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد حسين سيد جنرل عبدالقيوم جي برطانيه جي دوري ۾ ڪشمير جي مسئلي جي حوالي سان کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ هدايت ڏني ته هو ان حوالي سان لکت ۾ رپورٽ به پيش ڪري. ڪميٽي جي ميمبر سحر خٽڪ چيو ته مديني سميت سعودي عرب ۾ ٿيڻ واري دهشتگردي جي حملن ۽ ڪجهه معاملن ۾ پاڪستانين جي گرفتاري به عمل ۾ آندي وئي ان تي لاڳاپيل عملدارن ڪهڙا قدم کنيا آهن، جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد حسين سيد چيو ته سعودي عرب، فرانس، ترڪي ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن تي ٽنهي ملڪن جي سفير سان ملاقاتون ڪيون ۽ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي ۽ انهن ملڪن سان ڪميٽي پاران مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ڪميٽي جي ميمبرن پڇاڻي تي دفاع واري وزارت پاران افغانستان سرحد تي گذريل مهيني ۾ ٿيل فائرنگ جي واقعي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته سڀ کان پهرين افغان پوليس پاران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي جواب ۾ هٿياربند فوج اهڙي نوعيت جي هٿيارن جي استعمال سان جواب ڏنو ويو، دفاع واري ايڊيشنل سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته طورخم جي مقام تي پهرين به هڪ گيٽ لڳايو ويو جيڪو تاريخي حيثيت رکي ٿو، 2004ع ۾ اهو گيٽ نئين تعمير جي غرض سان هٽايو ويو هو، بعد ۾ مختلف مرحلن ۾ ان تي ڪم ٿيندو رهيو، پر ان کانپوءِ جڏهن پاڪستان ۾ سنگين نوعيت جي دهشتگردي جي واقعا ۽ دهشتگردن پاران چارسده حملو، اي پي ايس حملي ۾ افغانستان سرحد استعمال ڪرڻ جا ثبوت مليا ته طورخم تي گيٽ لڳائڻ جي لاءِ پاڪستان سنجيده قدم کنيا. طورخم تي سفري ڪاغذن کانسواءِ ڪنهن به قسم جي چرپر جي اجازت نه هوندي، ان پوسٽ تي چيڪنگ جي لاءِ موثر انتظام يقيني بڻايا ويندا، جنهن ۾ سي سي ٽي وي ڪئمرائن کي لڳائڻ ماڻهن ۽ گاڏين جي چيڪنگ لاءِ اسڪينرز کي لڳائڻ کانسواءِ نادرا ايف آءِ اي، ڪسٽم ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا ڪائونٽر به قائم ڪيا ويندا، جنهن جي ڪليئرنس کانپوءِ پاڪستان ۾ داخلا جي اجازت هوندي، جڏهن ته ڪجهه معاملن جي لاءِ پوليٽيڪل ايجنٽ جو راهداري ڪارڊ ڪنداسين، جنهن موجب شهيد موڙ يا ڪنهن به مخصوص علائقي تائين داخل ٿيڻ ڏنو ويندو، ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد حسين سيد چيو ته آمريڪا هينئر تائين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هنيئر تائين 2 ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا آهن، ڪميٽي جي ميمبر هدايت الله تجويز ڏني ته طورخم داخلي مقام تي بايو ميٽرڪ سسٽم به شروع ڪيو وڃي ان سان غير قانوني چرپر مڪمل طور تي بيهي ويندي. جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد حسين سيد چيو ته اها سٺي ۽ قابل عمل تجويز آهي. دفاع واري وزارت ان تجويز تي غور ڪري. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:12