ڀارت جي شخص پنهنجي گهر تي پاڪستاني جهنڊو هڻي ڇڏيو

ڀارت جي شخص پنهنجي گهر تي پاڪستاني جهنڊو هڻي ڇڏيو

نئين دهلي(پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) ڀارت ۾ هڪ شخص پنهنجي گهر تي پاڪستان جو جهنڊو هنيو، ڀارتي ميڊيا مطابق نالندا جي هڪ محلي ۾ رهائشي عمارت تي محمد جياد الدين رضا خان نالي شخص پنهنجي گهر تي پاڪستان جو جهنڊو هنيو جنهن جو اطلاع صبح سوير علائقي جي رهواسين مقامي پوليس کي ڏنو، اطلاع کانپوءِ پوليس ان شخص جي گهر پهچي پاڪستاني جهنڊو لاهي ڇڏيو، ان معاملي جي جاچ به ڪئي وئي، ايس پي ڪمار برڪت ٻڌايو ته محمد جياد الدين رضا خان ۽ ان جي گهرواري شبنا انور پنهنجي پٽ جي پيدائش جي دعا گهري هئي ۽ دعا پوري ٿيڻ تي هن پنهنجي گهر ۾ پاڪستاني جهنڊو هنيو، ٻئي طرف علائقي جي رهواسين مطالبو ڪيو ته پاڪستاني جهنڊو هڻندڙ شخص کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.