آفريڪي ملڪ مالي ۾ فوجي چوڪي تي حملو، 17اهلڪار مارجي ويا

آفريڪي ملڪ مالي ۾ فوجي چوڪي تي حملو، 17اهلڪار مارجي ويا

بيماڪو(پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) آفريڪا جي اٺين وڏي ملڪ مالي ۾ ٿيندڙ هڪ دهشتگرد حملي ۾ 17 فوجين جي مارجڻ کان پوءِ ملڪ ۾ هڪ دفعو بيهر ايمرجنسي نافذ ڪئي ويئي جرمن ريڊيو مطابق وسطي مالي ۾ هٿياربند دهشتگردن هڪ فوجي ڇانوڻي تي حملو ڪندي شديد فائرنگ ڪئي جنهن سبب 17 فوجي اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته 35 زخمي ٿي پيا. دهشتگردن جي ڇانوڻي تي حملي کان پوءِ مالي جي ڪائونسل آف منسٽرز فوجين جي مارجڻ تي سڄي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. واقعي جي ذميواري انصارالدين نالي عسڪري تنظيم سان جوڙيل گروپ ميڪنا لبريشن فرنٽ ۽ تازو ئي منظرعام تي ايندڙ ايٿنڪ پيول ڪميونٽي نالي تنظيم قبول ڪئي آهي مالي جي اترئين حصي ۾ وڌندڙ تڪرار خاص طور تي امدادي ڪارڪنن تي ٿيندڙ حملن ۽ صورتحال کي انتهائي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو آهي گڏيل قومن مطابق هلندڙ سال جي شروعاتي ٽن مهينن ۾ امدادي ڪارڪنن تي هيومنٽيئرين افيئر جي انفارميشن آفيسر انوپ مطابق جيڪڏهن امدادي ادارن کي سڌو سئون ٽارڪيٽ نه ڪيو ويو ته اتي حملا ضرور ٿيا جتي امدادي ورڪرز پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن. امدادي ادارن مطابق مالي ۾ 5 لک ماڻهو خوراڪ ۽ ٻين شين حملا ٿي چڪا آهن گڏيل قومن جي آفيس ڪوآرڊينيشن آف جي قلعت جو شڪار آهن.