اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) سعودي عرب ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي جي حوالي سان التوا واري رٿ جي منظوري جي تعين جو معاملو اڪلايو ويو. خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ايجنڊا ۾ سينيٽر عطاءُ الرحمان جي التوا واري رٿ به شامل هئي، پر رٿ پيش ڪندڙ جي غير موجودگي سبب ان کي اڪلايو ويو.اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:56
سعودي عرب ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي جي حوالي سان التوا واري رٿ اڪلائي وئي
9 سال پھريان