پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفين ۽ ڊگهي مدي وارين سطحن تي گڏجي ڪم ڪندا: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفين ۽ ڊگهي مدي وارين سطحن تي گڏجي ڪم ڪندا: وزيراعظم محمد نواز شريف

باڪو (پاکستان نیوز پوائنٹ 15اکتوبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفين ۽ ڊگهي مدي وارين سطحن تي گڏجي ڪم ڪندا. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن آذربائيجان جي پارليامينٽ ملي مجلس جي اسپيڪر اوگتي اوسادوف سان پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته قيادت جي سطح تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن سان ٻطرفي اقتصادي، دفاعي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملندي. ملاقات دوران آذربائيجان جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گڏيل تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن توهان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌندا. کيس يقين آهي ته توهان جون آذربائيجان جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون لاڀائتيون وينديون. هن چيو ته آذربائيجان قومي مفاد جي معاملي تي پاڪستان جي حمايت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم نواز شريف آذربائيجان جي پارليامينٽ جي دوري جو موقعو فراهم ڪرڻ تي اسپيڪر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اسان جا مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن آذربائيجان جي صدر ۽ وزيراعظم سان انتهائي فائديمند ملاقاتون ڪيون جنهن سان آذربائيجان سان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا موقعا ملندا. هن چيو ته اسٽيٽ يونيورسٽي پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ملڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن 18 آڪٽوبر تي آذربائيجان جي قومي ڏهاڙي جي حوالي سان مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ٻنهي حڪومتن ۾ فعال جمهوريت آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن سان حڪومتي سطح تي اقتصادي لاڳاپا مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش کي هٿي ملندي. هن چيو ته هو آذربائيجان جي اسپيڪر جي دعوت جو پيغام سينيٽ چيئرمين آف پاڪستان ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پهچائيندو. هو آذربائيجان جي دوري سان خوشي محسوس ڪندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي تي حمايت ڪرڻ تي آذربائيجان کي ساراهيو آهي. هن چيو ته ناگرونوڪارباخ ۽ ڪشمير جي معاملي تي ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي جي حمايت ٻنهي ملڪن جي مضبوط ۽ آزمايل لاڳاپن جو عڪاس آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي. گذريل ٽن سالن دوران ڀارتي فورسز جي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ پيلٽ گنز جي استعمال سان 112 ڪشميري شهيد، 200 اکين جي نور کان محروم ٿي ويا جڏهن ته هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي صورتحال تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ ۾ ڄاڻي ٻجهي اضافو ڪيو آهي.